”عمران خان پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي آزادي تائين جيل مان نه نڪرندو“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر جو چوڻ آهي ته عمران خان پنهنجي ڪارڪنن جي آزاديءَ تائين جيل مان نه نڪرندو، پي ٽي آءِ ٻه جنوري تي حڪومت سان رٿيل ڳالهين دوران 2 وڏا مطالبا پيش ڪندي.
واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ اڊيالا جيل ۾ عمران خان سان ملاقات کانپوءِ سندس ڀيڻ عليما خان چيو هو عمران خان چيو آهي ته هو نه ڊيل ڪندو ۽ نه بني گالا ۾ نظر بند رهندو، ڏيڍ سال جيل ۾ گذاريو آهي، ڪيسن کي منهن ڏيندس.
هاڻي اسد قيصر پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو مطالبو آهي ته عمران خان سميت سڀني ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي، 9 مئي ۽ 26 نومبر وارن واقعن جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي، پي ٽي آءِ باني چيو آهي ته هو پنهنجي ڪارڪنن جي آزادي تائين جيل مان نه نڪرندو.
ٻئي پاسي وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راٻا ثناءُ الله تحريڪ انصاف کي آڇ ڪندي چيو آهي ته 2 جنوري تي ٿيندڙ ڳالهين ۾ احتجاج جي طريقن تي اتفاق ڪري وٺو، حدون طئي ڪري وٺو ته ان کان اڳتي لائن ڪراس نه ٿيندي.
هن وڌيڪ چيو ته جيستائين مخالف سياسي پارٽيون گڏجي ڳالهيون ڪنديون تيستائين سياسي استحڪام ممڪن ناهي.
هوڏانهن تحريڪ انصاف جي سينيٽر بئريسٽر علي ظفر جو چوڻ هو ته ضابطه اخلاق ۾ احتجاج جو طريقيڪار شامل ڪيو وڃي ته اها تمام سٺي ڳالهه ٿيندي.
هن چيو ته سال 2025 ۾ سياسي استحڪام لاءِ عمران خان ۽ تحريڪ انصاف جي سياسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.