پ پ اڄ به وفاق کي ڊسٽرب ڪري سگهي ٿي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ نئين سال جون مبارڪون ڏيندي عوام کي اپيل ڪئي ته نئون سال ذميواري سان ملهائين ۽ هوائي فائرنگ کان پاسو ڪن. شرجيل ميمڻ ”سي نو ٽو ايريئل فائرنگ“ مهم جي حمايت ڪندڙن جي حوصلا افزائي ڪئي ۽ چيو ته آصفه ڀٽو زرداري پڻ عوام کي امن سان نئون سال ملهائڻ جي هدايت ڏني آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران، شرجيل ميمڻ ريڊ لائين بي آر ٽي منصوبي تي روشني وجهندي چيو ته منصوبو جاري آهي، ڪابه دير نه پئي ڪئي وڃي. هن ماضي ۾ نگران حڪومت جي غفلت ۽ نااهل آفيسرن جي ڪوتاهين جو ذڪر ڪندي چيو ته سنڌ سرڪار طرفان منصوبي تي ٻيهر ڪم تيز ڪيو ويو آهي ۽ جلد مڪمل ڪرڻ جي ڪوششون جاري آهن. سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ريڊ لائين بي آر ٽي منصوبي ۾ چئلينجز موجود آهن، پر سنڌ سرڪار ڪنهن به آڊٽ يا احتساب لاءِ تيار آهي. منصوبو تيزي سان جاري آهي ۽ يوٽيلٽيز جي منتقلي سميت سڀ مسئلا حل ڪرڻ لاءِ وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن. ڪي اليڪٽرڪ پولز جي منتقلي ۽ ڪي فور لائين سان لاڳاپيل رڪاوٽون به ترتيب سان حل ٿي رهيون آهن. هن ڄاڻايو ته ڄام صادق پل جو منصوبو مارچ يا اپريل 2025ع تائين مڪمل ڪيو ويندو، جڏهن ته ٽرانسپورٽ جا منصوبا ڪراچي جي عوام لاءِ پيپلزپارٽي جي سنڌ سرڪار جو تحفو آهن. شرجيل ميمڻ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خطاب ۾ پاڪستان جي ايٽمي طاقت ۽ سلامتي بابت اهم نڪتا بيان ڪيا ويا، ۽ عمران خان کي ملڪ جي سلامتي تي سوديبازي جو ذميوار قرار ڏنو. سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان ملڪي سلامتي کي داءَ تي لڳائي پنهنجي رليف لاءِ لابيئسٽ هائر ڪيا آهن ۽ پاڪستان کي ڏيوالپڻي ڏانهن ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته پيپلزپارٽي جي قيادت شهيد ڀٽو خاندان قربانيون ڏئي هميشه ملڪ جي سلامتي کي اوليت ڏني، جڏهن ته عمران خان جي حڪمت عملي ملڪ کي نقصان پهچائڻ تي ٻڌل آهي. هن الزام هنيو ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ پاراچنار، اي پي ايس سانحو ۽ بنون جيل واقعا ٿيا، ۽ پي ٽي آءِ جي نااهلي ان مسئلن کي وڌايو. شرجيل ميمڻ چيو ته فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪندڙن جا ڪيس به فوجي عدالت ۾ ئي هلندا، ۽ نوجوانن کي گهرجي ته ملڪ سان ٿيندڙ سازشن کي سمجهي فيصلو ڪن. شرجيل ميمڻ اپوزيشن ليڊر ۽ ڪراچي جي ميئر کي منصوبن بابت ڳالهيون ڪرڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته هر شهري کي پنهنجن خدشن جو اظهار ڪرڻ جو حق آهي ۽ هو هر سوال جو جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهن. اي پي ايس سانحي بابت ڳالهائيندي هن چيو ته اها تحريڪ انصاف حڪومت جي نااهلي هئي جو دهشتگردن کي موقعو مليو. عمران خان تي تنقيد ڪندي هن چيو ته جيڪي اڳ ايبسولوٽلي ناٽ چوندا هئا، اڄ اهي يهودي لابي جي اڳواڻي ۾ پاڪستان خلاف ڪم ڪري رهيا آهن. هن يقين ڏياريو ته پاڪستان هڪ مضبوط ۽ خودمختيار ملڪ آهي، ۽ ڪنهن به ٻاهرين ملڪ کي پاڪستان جي معاملن ۾ دخل اندازي جو حق نه آهي. پاراچنار سانحي تي ڳالهائيندي هن ڌرڻو هڻندڙن کي اپيل ڪندي چيو ته هو انتظاميا کان جاءِ وٺي احتجاج ڪن ۽ جيئن ڪنهن معصوم کي تڪليف نه پهچي. وفاقي حڪومت سان اختلافن تي وضاحت ڏيندي شرجيل ميمڻ چيو ته وفاقي حڪومت سان اختلاف آھن، چاھيون ٿا ته اسان جي مسئلن جي به نشاندھي ٿئي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪئنالن بابت پنهنجو واضح موقف ڏئي چڪو آهي. پيپلزپارٽي وفاقي حڪومت کي اڄ به ڊسٽرب ڪري سگهي ٿي، پر اسان جو مقصد ملڪ کي مضبوط ڪرڻ ۽ نفرتن جو خاتمو آهي. هن زور ڏنو ته سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي گڏجي ملڪ جي مضبوطي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.