2024ع سياسي بي يقيني جو سال،مينڊيٽ تي سوال،تڪراري قانون سازي

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)سال 2024 پاڪستان ۾ وڏي سياسي اهميت جو حامل رهيو آهي. ساڳئي سال فيبروري ۾ ٿيل چونڊن جي نتيجي ۾ نئين قومي اسيمبلي وجود ۾ آئي. چونڊن کانپوءِ قومي اسيمبليءَ جو پهريون اجلاس سخت ڇڪتاڻ جو شڪار ٿي ويو، جنهن دوران پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) ۽ ٻين مخالف  ڌر جي ڪارڪنن ڌانڌلي جا الزام هنيا.ساڳئي سال سپريم ڪورٽ جي اختيارن بابت تڪراري 26هين آئيني ترميم سميت ٻيا قانون پاس ڪيا ويا. 2024ع ۾ اپر ايوان يعني سينيٽ لڳ ڀڳ هڪ مهيني تائين غير موثر رهيو، جڏهن ته خيبرپختونخواهه صوبي ۾ اڃا تائين سينيٽ جون چونڊون نه ٿيڻ سبب سينيٽ جو ايوان به اڻپورو آهي.اهڙي ريت قومي اسيمبلي سميت چئن صوبائي اسيمبلين ۾ پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون ڏيڻ بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي باوجود پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون الاٽ نه ٿي سگهيون آهن. جنهن سبب قومي اسيمبلي جي 23 سيٽن سميت چئني صوبائي اسيمبلين ۾ عورتن ۽ اقليتن جون 77 سيٽون اڃا تائين خالي پيل آهن.موجوده قومي اسيمبلي 29 فيبروري تي پنهنجي پهرين اجلاس کان وٺي 10 مهينن جي عرصي ۾ 28 سرڪاري بل ۽ 7 پرائيويٽ بل منظور ڪري چڪي آهي. جڏهن ته 14 آرڊيننس پيش ڪيا ويا.پاڪستان جي پارلياماني تاريخ ۾ پهريون ڀيرو نقاب پوش اهلڪارن پارليامينٽ ۾ داخل ٿي اسيمبلي ميمبرن کي گرفتار ڪري ورتو. مخالف ڌر ان واقعي کي پارليامينٽ جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن قرار ڏنو. اسپيڪر معاملي جي جاچ جو اعلان ڪيو پر نقاب پوش ماڻهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي.قومي اسيمبلي جي حاضري رڪارڊ موجب قومي اسيمبليءَ طرفان وزيراعظم چونڊجڻ کانپوءِ قومي اسيمبلي جي اجلاسن ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي شرڪت گهٽ رهي. 79 ڏينهن جي اجلاسن مان وزيراعظم رڳو 17 اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي ۽ 62 اجلاسن مان غير حاضر رهيو.اڳوڻو وزيراعظم ميان نواز شريف به قومي اسيمبلي جي اجلاس مان غير حاضر رهڻ ۾ پنهنجي ننڍي ڀاءُ کان به اڳتي نڪري ويو. رڪارڊ موجب ميان نواز شريف 79 اجلاسن مان رڳو 5 اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي غير سرڪاري تنظيم فري اينڊ فيئر اليڪشن نيٽ ورڪ (فافن) جي پروگرام انچارج صلاح الدين جو چوڻ آهي ته گذريل ٽن اسيمبلين کان وٺي مجموعي طور تي قانون سازي سست رفتاري جو شڪار آهي. پر سياسي قانون سازي جي رفتار تيز ٿي چڪي آهي،ماهرن جو چوڻ آهي ته حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ وڌندڙ اختلافن سبب پارليامينٽ جي ڪارڪردگي به متاثر ٿي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.