اسلام آباد (ع آ نيوز) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) پاور سيڪٽر اسٽيٽ آف انڊسٽري رپورٽ 2024 جاري ڪري ڇڏي آهي.نيپرا جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي، مالي سال 24-2023ع ۾ پاور ڪمپنيون خسارو گهٽائڻ ۽ وصوليون وڌائڻ ۾ ناڪام ويون. سسٽم جي نااهلي سبب بجلي جي صارفين تي ٽيڪسن، سرچارجز ۽ ڪراس سبسڊيز جو بار وڌو ويو، قيمتن ۾ واڌ، ٽيڪس، سرچارج، فيس، ڊيوٽيون، ڊيوٽيون ادا ڪرڻ صارفين لاءِ ناممڪن بڻيل آهن. رپورٽ موجب هڪ سال ۾ 590 ارب 51 ڪروڙ رپين جو نقصان ٿيو. مالي سال 24-2023ع ۾ بجلي ڪمپنين جا ٽي اينڊ ڊي لاسز 18.31 سيڪڙو هئا، وصوليون گهٽ ٿيڻ سبب گردشي قرضن ۾ 314 ارب 51 ڪروڙ رپين جو اضافو ٿيو. مالي سال 24-2023ع ۾ بجلي استعمال ڪندڙن سراسري طور 33.88 سيڪڙو بجلي استعمال ڪئي. باقي 66.12 سيڪڙو غير استعمال ٿيل بجلي جو باربه صارفين تي پيو.