اسلام آباد(اعزاز سيد)پلڊاٽ جي رپورٽ پاڪستان ۾ جمهوريت جو معيار2024 ع ۾ چيو ويو آهي ته فيبروري 2024ع ۾ ڪافي دير کانپوءِ وڏي حد تائين ناقص عام چونڊون منعقد ڪيون ويون،جن جو مقصد عوامي مينڊيٽ کي ورهائڻ ۽ شهرين کي سياسي ۽ انتخابي چونڊ جو رڳو محدود ۽ نمائشي موقعو فراهم ڪرڻ هو،پارليامينٽ ۾ پنهنجي معمولي اڪثريت کي محفوظ رکڻ لاءِ وفاقي حڪومت اعليٰ عدليه جي نئين سر جوڙجڪ مهم شروع ڪئي، 26هين ترميم ذريعي عدليه ۾ مقرري جي عمل کي موثر طريقي سان تبديل ڪيو ويو،پارليامينٽ ٽنهي دفاعي ادارن جي قانون ۾ تڪڙ ۾ ترميمون ڪيون ،پاڪستان جي تاريخ ۾ اهو پهريون موقعو آهي ته سروسز چيفس جي ملازمت مدي ۾ اها واڌ قانوني طور ان وقت منظور ڪئي وئي جڏهن ملڪ ۾ امن به آهي ۽ ڪا مارشل لا به لاڳو ناهي،پاڪستان جي اڪثر سرگرم سياسي جماعتن ڀلي اهي حڪومت ۾ هجن يا حڪومت کان ٻاهر پنهنجي وقتي سياسي مفادن لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر سياسي مخالفن خلاف افسوسناڪ ۽ غيرجمهوري رويو جاري رکيو، پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ جمهوري طرز حڪمراني کي سخت نقصان پهتو،سياسي اختلاف راءِ دٻائڻ ۽ ان کي خاموش ڪرڻ لاءِ حڪومت انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارمن جي استعمال کي محدود ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون جنهن جي نتيجي ۾ سوشل ميڊيا ايپلي ڪيشنز تي پابندي لڳائي وئي ۽ مواصلات کي ڪنٽرول ڪيو ويو،اسٽيبلشمينٽ جي هٿن ۾ فيصلا سازي جو عمل ڏيڻ جي پيش نظر شهرين کي هڪ اهم مونجهارو آهي ته اهي فوج جي حرمت کي نقصان پهچائڻ کان بغير اسٽيبلشمينٽ جي ان ڪردار خلاف پنهنجا جائز خدشن کان ڪيئن آگاهه ڪن؟ ان اونداهي منظرنامي ۾حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ سياسي ڳالهين جي شروعات اميد جو ڪرڻو آهي،پلڊاٽ جي رپورٽ ۾ جمهوري نظام جي بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو ويو آهي.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 01 جنوري 2025ع تي شايع ٿيو