نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هاءِ وي تي ڪيتريون ئي گاڏيون هڪ ئي وقت پنڪچر ٿي ويون، جنهن سبب شهرين ۾ خوف هراس پکڙجي ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب واقعو هاءِ وي تي پيش آيو، ممبئي ناگ پور سمرڌي هاءِ وي تي 50 کان وڌيڪ گاڏيون لوهه جي بورڊ مٿان گذرڻ سبب پنڪچر ٿي ويون.
رات جي وقت اوچتو پيش ايندڙ واقعي سبب هاءِ وي تي متاثر ٿيل شهرين ۾ خوف هراس پکڙجي ويو ۽ گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون.
ڀارتي ميڊيا موجب واقعو 29 ڊسمبر جي رات تقريبن 10 وڳي پيش آيو، جنهن سبب بدترين ٽريفڪ جام ٿي وئي ۽ شهرين سخت تڪليف کي منهن ڏنو.
هاءِ وي اختيارين طرفان روڊ تي بورڊ ڪِرڻ جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
You might also like