نئين سال جي شروعات تي هر انسان کي اهي اميدون هونديون آهن ته اهو سال پاڻ سان گڏ خوشيون آڻي.
مستقبل ۾ ڇا ٿيندو اها ته ڪنهن کي خبر ناهي پر پر بلغاريه سان واسطو رکندڙ نابين عورت بابا وانگا اڳڪٿين جي حوالي سان مشهور آهي.
1996 ۾ لاڏاڻو ڪري ويندڙ بابا وانگا مستقبل جي حوالي سان ڪيتريون ئي خوفناڪ اڳڪٿيون ڪيون آهن پر گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي، ڇو ته بابا وانگا جون ڪيتريون ئي اڳڪٿيون غلط به ثابت ٿي چڪيون آهن.
مثال طور بابا وانگا اڳڪٿي ڪئي هئي ته هڪ ڪاري نسل جو شخص آمريڪا جو 44هون ۽ آخري صدر هوندو، واقعي بارڪ اوباما آمريڪا جو صدر ٿيو پر بابا وانگا جي اها اڳڪٿي مڪمل درست ثابت نه ٿي، ڇو ته ان کانپوءِ ٽرمپ ۽ بائيڊن به آمريڪا جا صدر چونڊجي چڪا آهن.
بابا وانگا جي هڪ ٻي اڳڪٿي هئي ته سال 2023 ۾ خلائي مخلوق زمين تي لهندي ۽ جنگ جو اعلان ڪندي پر اهڙو ڪجهه به نه ٿيو.
نابين نجومڻ اها اڳڪٿي به ڪئي هئي ته 2010 کان 2014 دوران ٽين عالمي جنگ شروع ٿي ويندي پر اها اڳڪٿي به غلط نڪتي.
بابا وانگا جي هڪ ٻي اڳڪٿي هئي ته سال 2025 کان اڳ انسان پنهنجي مرضي موجب ٻار تخليق ڪرڻ جي قابل ٿي ويندو ۽ انهن ٻارن جا والدين پنهنجي پسند موجب ٻار جون خاصيتون طئي ڪري سگهندا پر دنيا ۾ ڪٿي به اڃا تائين ائين ناهي ٿيو.
اهڙي ريت بابا وانگا اڳڪٿي ڪئي هئي ته سال 2025 کان اڳ نيوڪليئر پلانٽ ۾ ڌماڪو ٿيندو ۽ سڄو ايشيا کنڊ زهريلي گيس سان ڀرجي ويندو، خوش قسمتي ان اها اڳڪٿي به غلط ثابت ٿي.
Prev Post
You might also like