نئون سال ايندي ئي برسات جي انٽري، سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ مينهن وسندو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي جنوري جي پهرئين هفتي دوران سنڌ سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن، کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات ۽ جبلن تي برفباري جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته بارش جو سبب بڻجندڙ اولهه هوائون پهرين جنوري کان ملڪ جي اولهه علائقن ۾ داخل ٿيون ۽ اهي هوائون 6 جنوري تائين مٿين علائقن ۾ موجود رهنديون.
موسميات کاتي موجب پهرين جنوري کان 6 جنوري دوران گلگت بلتستان، ديامر، استور، غذر، اسڪردو، هنزا ۾ تيز هوائن، کنوڻ ۽ گجگوڙ سان وقفي وقفي سان برسات ۽ شديد برفباري جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته پهرين جنوري کان 5 جنوري دوران چترال، دير، سوات، شانگلا، ڪوهستان، ايبٽ آباد، بونير، ڪرم، وزيرستان، پشاور، نوشهرا، صوابي، بنون، ڪرڪ ۾ به تيز هوائن، کنوڻ ۽ گجگوڙ سان وقفي وقفي سان برسات ۽ شديد برفباري جو امڪان آهي.
موسميات کاتي چيو آهي ته 2 کان 6 جنوري دوران اسلام آباد ۽ پنجاب جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن، کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي.
موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته 3 جنوري ۽ 4 جنوري تي سنڌ جي مٿين علائقن ۾ تيز هوائن، کنوڻ ۽ گجگوڙ سان هلڪي برسات جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.