ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ مذهبي جماعتن جي احتجاج سبب شهر جا ڪجهه رستا بند آهن، جنهن سبب شهري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.
ڪراچي ٽريفڪ پوليس طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، مذهبي جماعتن جي احتجاج سبب ڪراچي ۾ رستن بدترين ٽريفڪ جام آهي، ابو الحسن اصفهاني کان عباس ٽائون ويندڙ روڊ مڪمل طور بند آهي.
نواب صديق علي خان روڊ چورنگي ناظم آباد نمبر هڪ ٻنهي طرفن کان بند آهي.
ترجمان موجب، شهري ۾ جاري احتجاج سبب ڪامران چورنگي کان موسميات کاتي ڏانهن ويندڙ روڊ بند آهي، جڏهن ته موسميات کان ڪامران چورنگي اچڻ لاءِ روڊ تي ڊبل ٽريفڪ هلي رهي آهي.
پڌرائي موجب، نمائش چورنگي ٽريفڪ لاءِ بند آهي، انچولي کان سهراب ڳوٺ ويندڙ روڊ به ٽريفڪ لاءِ بند آهي ان کانسواءِ
ٽريفڪ پوليس جي بيان موجب، مين منگھوپير روڊ حبيب بينڪ چورنگي وليڪا اسپتال کان بڙا بورڊ ويندڙ روڊ ٽريفڪ لاءِ بند آهي.
بزنس رڪارڊر روڊ لسٻيلي کان گرو مندر ايندڙ وينڊر ٻئي رستا بند آهن.
ترجمان ٻڌايو ته گلٻائي کان پراچه چوڪ ٽريفڪ لاءِ بند آهي، شاهراهه فيصل بلوچ ڪالوني کان ويندڙ شهر سروس روڊ بند آهي، جڏهن ته شاهراهه لياقت روڊ فريڪو چوڪ لاءِ بند آهي.
مين يونيورسٽي روڊ لڳ بيڪري سامهون صفورا، ناگن چورنگي بس اسٽاپ سخي حسن ۽ سهراب ڳوٺ ڏانهن ويندڙ روڊ بند آهي.
مين يونيورسٽي روڊ ناظم اعليٰ ڪٽ کان ٻنهي رستن تي ٽريفڪ معطل آهي.
ترجمان موجب، قائد آباد مرغي خانا کان ملير ڏانهن ويندڙ روڊ بند آهي، ٽاور چوڪ جيلاني سينٽر سامهون وارو روڊ روڊ بند آهي.
ٽريفڪ پوليس طرفان شهرين کي احتياطي تدابير اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ چيو آهي ته هو احتجاجي هنڌن کان پري رهن.
ٽريفڪ پوليس وڌيڪ چيو آهي ته مسافر صبر جو مظاهرو ڪن ۽ جيڪڏهن احتجاجي علائقن ۾ وڃڻ ضروري هجي ته متبادل رستن جي چونڊ ڪن.
شهري وڌيڪ رهنمائي لاءِ ٽريفڪ هيلپ لائين 1915 تي رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
You might also like