انسٽاگرام تي سرگرم هڪ انفلوئنسر جي گھر مان هڪ ڪروڙ 40 لک برطانوي پائونڊز (3 ارب کان وڌيڪ پاڪستاني رپيا۽ 1.5 لک پائونڊز (5 ڪروڙ کان وڌيڪ پاڪستاني رپيا) جي ماليت جا ڊيزائينر هينڊ بيگز چوري ٿي ويا.
اهو واقعو لنڊن جي علائقي پرائمروز هل ۾ 7 ڊسمبر تي پيش آيو، جنهن کي شهر جي چوري وڏن واقعن مان هڪ قرار ڏنو پيو وڃي.
انسٽاگرام ڪريئيٽر ۽ آرٽ ڪليڪٽر شافيرا هوئانگ جي گھر چوري ٿي. چوري جي وقت هوءَ گھر ۾ موجود نه هئي.
پوليس جي موجب، هڪ چور ٻي ٻاڙ جي دري مان گھر ۾ داخل ٿيو، هن گهر مان هيرن جا هار، بريسلٽ ۽ ٻيا قيمتي زيور چوري ڪيا.
مختلف رپورٽن موجب، اهي سڀ زيور رڳو شافيرا هوئانگ جا نه هئا، پر ڪجهه زيور ٻين ماڻهن جا به هئا.
لنڊن پوليس موجب، چور هڪ اڻڄاتل هٿيار سان گهر ۾ داخل ٿيو ۽ 1.4 ڪروڙ پائونڊز جا قيمتي زيور چوري ڪري ويو.
پوليس موجب، اهي زيور ڊيزائن جي لحاظ کان تمام منفرد آهن، جنهنڪري انهن کي آسانيءَ سان نشاندهي ڪري سگهجي ٿي.
شافيرا هوئانگ انسٽاگرام تي شاهاڻي طرز زندگي جون ڪيتريون ئي تصويرون شيئر ڪندي رهندي آهي، هن چور کي پڪڙڻ ۾ مدد ڪرڻ وارن لاءِ 15 لک پائونڊز انعام ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو آهي.