من موهڻي اداڪارا نيلم منير چيو آهي ته اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي خوبصورتي ۾ واڌ يا ڪراڙپ لڪائڻ لاءِ سرجري ڪرائيندا آهن، انهن کي ائين نه ڪرڻ گهرجي ۽ پاڻ کي قبول ڪرڻ گهرجي.
اداڪارا جي هڪ وڊيو ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل آهي، جنهن ۾ هوءَ وقت سان گڏ چهري تي ٿيندڙ تبديلين بابت ڳالهائي رهي آهي.
هن چيو ته انسان کي اها ڳڻتي نه ڪرڻ گهرجي ته مُنهن تي گهنج اچي ويا آهن ۽ وڏي عمر جو لڳي ٿو، اهي سڀ قدرتي مرحلا آهن، انسان عمر وڌڻ سان ٻين کان مختلف لڳندو آهي ۽ ان جي شخصيت ۾ نکار پيدا ٿيندو آهي.
سندس موجب مون کي لڳي ٿو ته هر ٻيو شخص ڪاسميٽڪ سرجري ڪرائي رهيو آهي، ان جي ڪري سڀ هڪ جهڙا لڳي رهيا آهن، ماڻهن ۾ اعتماد هجڻ ضروري آهي، اهي جيئن آهن ائين ئي خوبصورت آهن.
Next Post
You might also like