چئلينج وڊيوز سبب 3 نوجوان فوت، ٽڪ ٽاڪ تي هڪ ڪروڙ ڊالر ڏنڊ

ڪراڪس(ويب ڊيسڪ) وينزويلا جي سپريم ڪورٽ چئلينج وڊيوز مواد سبب فوتگين تي قدم نه کڻڻ تي ٽِڪ ٽاڪ تي هڪ ڪروڙ ڊالر ڏنڊ مڙهي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، وينزويلا جي سپريم ڪورٽ سوشل ميڊيا ايپ ٽڪ ٽاڪ تي چئلينج وڊيوز کي پورو ڪندي فوتگين واري معاملي تي وڊيو شيئرنگ ايپ تي هڪ ڪروڙ ڊالر جو ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.
رپورٽ موجب، وينزويلا ۾ ٽڪ ٽاڪ چئلينج وڊيوز کي پورو ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ مبينا طور هنيئر تائين 3 نوجوان فوت ٿي چڪا آهن.
عدالت نوجوانن جي فوتگي واري معاملي تي چيو ته ٽڪ ٽاڪ ان حوالي سان مواد جي روڪٿام يا هٽائڻ لاءِ ڪي به جوڳا قدم ناهن کنيا.
عدالتي فيصلي ۾ ان ڳالهه جو ذڪر ناهي ته ٽڪ ٽاڪ ڏنڊ ڪيئن ادا ڪندو جڏهن ته ٽڪ ٽاڪ اختيارين طرفان به اڃا تائين فيصلي تي ڪو به ردعمل ناهي ڏنو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.