ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سال 2024 دوران پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي 100 انڊيڪس ۾ 84 سيڪڙو اضافو ٿيو.
هن سال 100 انڊيڪس ۾ 52 هزار 675 پوائنٽن جو اضافو ٿيو ۽ سال جي پڄاڻي تي 100 انڊيڪس هڪ لک 15 هزار 126 جي سطح تي آهي.
سال 2024 ۾ 100 انڊيڪس جي بلند ترين سطح هڪ لک 17 هزار 39 پوائنٽس، جڏهن ته گهٽ ترين سطح 59 هزار 191 پوائنٽس رهي.
هن سال اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 139 ارب شيئرز جا سودا ٿيا، جڏهن ته شيئر بازار ۾ 2024 جي ڪاروبار جي ماليت 5 هزار 464 ارب رپيا رهي.
سال 2024 ۾ مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 5 هزار 432 ارب رپيا وڌي 14 هزار 495 ارب رپيا آهي.
You might also like