ڌرڻن خلاف ڪارروائي ڪري رهيا آهيون، ڪجهه ماڻهو ناراض ٿيندا: مراد علي شاهه

ٺٽو (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته جيڪڏهن عوام کي تڪليف ٿي رهي آهي ته ڌرڻا ختم ڪرائڻ اسان جي ذميواري آهي.
ٺٽي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مراد علي شاهه چيو ته پرامن احتجاج سان اسان کي ڪو مسئلو ناهي، اسان پُرامن احتجاج جي مخالفت نٿا ڪيون پر مسئلي کي سٺي انداز ۾ حل ڪرڻ چاهيون ٿا.
هن چيو ته پارا چنار ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو افسوسناڪ آهي، اسان ڌرڻا هڻندڙن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، اسان کين هڪ هنڌ احتجاج ڪرڻ جي تجويز ڏني، انتظامي قدمن ۽ ڳالهين سان اسان ڪراچي ۾ ڌرڻا ختم ڪرائينداسين.
سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ جاري ڌرڻن سبب عوام کي سخت تڪليف ٿي رهي آهي، جيڪڏهن ماڻهن کي تڪليف ٿيندي ته پوءِ ڌرڻا ختم ڪرائڻ اسان جي ذميواري آهي، ڌرڻن خلاف ڪارروائي ڪري رهيا آهيون، ڪجهه ماڻهو ناراض ٿيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.