ڀارتي اداڪارا ٽن ورهين کان گهمڻ ڦرڻ کان لاچار، معذوري جو ڪارڻ سامهون اچي ويو

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) ڪيئي بالي ووڊ اداڪارا طناز ايراني جي معذوري جو سبب سامهو اچي ويو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ويجهڙائي ۾هڪ پوڊ ڪاسٽ دوران اداڪارا پنهنجي زندگيءَ جي ڏکئي ترين وقت بابت ويچار ونڊيا ۽ ٻڌايو ته ڪيئن هن ثابت قدمي ۽ بهادري سان اِهو وقت گذاريو.
اداڪارا چيو ته 2021 ۾ هڪ سرجري کانپوءِ سندس هڪ ڄنگهه ٻي ڄنگهه کان ننڍي ٿي وئي، جنهن سبب هوءَ اوچتو گهمڻ ڦرڻ کان لاچار ٿي وئي هئي، شروع اِهو سمجهه ۾ نه آيو ته هن سان ڇا ٿي رهيو آهي.
هن چيو ته ڪيئي ٽيسٽ ڪرائڻ باوجود سمجهه کان ٻاهر هو ته جسم ۾ اهڙو ڇا غلط ٿيو جو هوءَ گهمي ڦري نٿي سگهي.
هن ٻڌايو ته جڏهن تڪليف وڌي وئي ۽ روز مره جي معاملن ۾ ڏکيائيون پيش اچڻ لڳيون ته هن معاملي کي سنجيدگيءَ سان ورتو ۽ ڊاڪٽرن سان مشورو ڪيو.
ڀارتي اداڪارا موجب، کيس چيلهه، پُٺي، گوڏي ۽ کُڙي ۾ مسئلن جو منهن ڏسنُ پيو، ايم آر آءِ ۽ سي ٽي اسڪين کانپوءِ ڊاڪٽرن ٻڌايو ته اوهان ۾ اي وي اين ( عارضي طور تي رت هڏين تائين ناهي پهچندي) جي نشاندهي ٿي آهي جيڪا عام طور تي شراب پيئڻ يا اسٽيرائڊز استعمال ڪرڻ وارن ماڻهن ۾ ٿيندي آهي.
طناز چيو اِهو ٻڌي کيس انتهائي حيرت ٿي ڇاڪاڻ ته نه هوءَ شراب پيئندي آهي نه ئي هن ڪڏهن اسٽيرائڊز جو استعمال ڪيو، ان کانپوءِ پنڌ ڪرڻ لاءِ لٺ جو سهارو وٺڻو پيو.
اداڪارا ٻڌايو ته گذريل سال سندس سرجري ٿي جنهن بعد هاڻي هوءَ مڪمل طور تي صحتياب آهي.
واضح رهي ته طناز ايراني سپر هٽ فلم ڪهو نا پيار هي ۽ 36 چائنا ٽائون جهڙين فلمن ۾ سپورٽنگ ڪردار ادا ڪيا، ان کانسواءِ هوءَ ڪيئي ٽي وي شوز ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاري چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.