ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سال 2024 دوران في تولي سون جي اگهه ۾ 52 هزار 6 سئو رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ في تولي سون جي قيمت 2 لک 33 هزار 711 رپيا برقرار آهي.
ايسوسيئيشن موجب، عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون جو اگهه 2 هزار 6 سئو 14 ڊالرز تي برقرار آهي.
سال 2024 دوران پاڪستان ۾ في تولي سون جي قيمت ۾ 23 ڏهائي 9 سيڪڙو (52 هزار 6 سئو رپيا ) واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.
ايسوسيئيشن موجب، هلندڙ سال في تولي جي بلند ترين قيمت ٻه لک ستاسي هزار نوَ سئو رپيا جڏهن ته سال جي گهٽ ترين قيمت ٻه لک ڏهه هزار اٺ سئو رپيا رهي.
سون جي عالمي قيمت سال 2024 دوران 552 ڊالر واڌ بعد 2614 ڊالر رهي، هلندڙ سال دوران سون جي عالمي قيمت ۾ 26 ڏهائي 7 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.
سال 2024 دوران عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 774 ڊالر جي بينڊ ۾ رهيو، جون جي بلند ترين سطح 2784 ڊالر جڏهن ته گهٽ ترين قميت 2010 ڊالر في اونس رهي.
You might also like