اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن ڪوئيٽا جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 262 تي عادل بازئي جي ميمبرشپ بحال ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن آف طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم جي روشني ۾ 21 نومبر واري نوٽيفڪيشن کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي.
اليڪشن ڪميشن اعلان ڪيو ته عادل بازئي مسلم ليگ ن بدران آزاد ميمبر طور قومي اسيمبلي جو ميمبر هوندو.
اهڙي فيصلي بعد اليڪشن ڪميشن اين اي 262 تي ننڍي چونڊ به ملتوي ڪري ڇڏي.
واضح رهي ته گذريل مهيني اليڪشن ڪميشن مخالف ڌر جي قومي اسيمبلي جي ميمبر عادل بازئي خلاف نااهلي واري ريفرنس ۾ کيس نااهل قرار ڏنو هو.
مسلم ليگ ن جي صدر نواز شريف جي ايم اين اي عادل خان بازئي جي نااهلي جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن محفوظ فيصلو ڏيندي عادل بازئي کي فلور ڪراسنگ جي ڏوهه ۾ نااهل قرار ڏيندي کيس 262 جي سيٽ تان ڊي سيٽ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي خالي قرار ڏنو.
عادل بازئي ڪوئيٽا مان آزاد حيثيت ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو هو، اليڪشن ۾ ڪاميابي کانپوءِ عادل بازئي پهرين مسلم ليگ ن ۾ شموليت جو حلف نامو جمع ڪرايو، پوءِ ڪجهه ڏينهن بعد هن سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت جو حلف نامو جمع ڪرايو.
ٻڌڻي دوران عادل بازئي جي وڪيل ن ليگ ۾ شموليت جو حلف نامو جعلي قرار ڏنو.
نواز شريف فنانس بل ۽ آئيني ترميم تي ووٽ نه ڏيڻ تي عادل جي خلاف نااهلي جو ريفرنس جمع ڪرايو هو.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر طرفان نااهلي جو ريفرنس اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻيو ويو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عادل آئيني ترميم جي موقعي تي پارٽي پاليسي جي ڀڃڪڙي ڪئي.
You might also like