اهم ڀارتي شخصيت نواز شريف جي پوٽي جي شادي ۾ شريڪ

لاهور (ويب ڊيسڪ ) نواز شريف جي پوٽي جي شاديءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ڀارتي شخصيت ڪجهه ڪلاڪن لاءِ خاص جهاز ذريعي لاهور پهتي.
ايئرپورٽ ذريعن موجب، اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان مسلم ليگ ن جي صدر نواز شريف جي پوٽي زيد حسين جي شادي ۾ شرڪت لاءِ ڀارت جي هڪ وڏي ڪاروباري شخصيت خاص جهاز ذريعي لاهور پهتي.
زيد حسين جي شادي تي مبارڪباد ڏيندڙن ۾ جتي ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪن جون وڏي شخصيتون شامل آهن، اتي ڀارت جي وڏن ڪاروباري شخص جندل ۽ سندس ڪٽنب پڻ جاتي امرا پهتو، جتي هو نواز شريف جي پوٽي جي شادي ۾ شامل ٿيا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارتي بزنس ٽائڪون جندل ۽ سندس گهر واري سنگيتا جندل خاص جهاز ذريعي لاهور پهتا، جتان هو شادي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڪجهه ڪلاڪن لاءِ جاتي امرا ويا ۽ پوءِ واپس ممبئي روانا ٿي ويا.
ڀارت جي وڏي ڪاروباري شخصيت جندل ۽ سندس ڪٽنب نواز شريف ۽ سندس خاندان کي شادي جون مبارڪون ڏنيون.
ياد رهي ته جندل ۽ سندس ڪٽنب خاندان گذريل ڏينهن خاص جهاز ذريعي ڪجهه ڪلاڪن لاءِ ممبئي کان لاهور پهتو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.