نئين سال جي موقعي تي ايل پي جي سستي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نئين سال جي موقعي تي ايل پي جي سستي ڪئي وئي.
آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پهرين جنوري 2025 کان ايل پي جي جي نون اگهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
نوٽيفڪيشن موجب في ڪلو ايل پي جي 4 رپيا 2 پيسا سستي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي نئين قيمت 250 رپيا 28 پيسا هوندي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ايل پي جي جو 11.8 ڪلو گرام جو گهريلو سلينڊر 47 رپيا 43 پيسا سستو ٿي ويو ۽ ايل پي جي جي گهريلو سلينڊر جي قيمت جنوري لاءِ 2953 رپيا 36 پيسا مقرر ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.