ڪوهاٽ(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي ضلعي ڪُرم ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ اڄ ڌرين وچ ۾ معاهدو طئي ٿيڻ جو امڪان آهي، ڪمشنر هائوس ڪوهاٽ ۾ گرينڊ جرڳو اڄ ٿيندو.
ذريعن موجب، معاهدي تي صحيحون ڪندڙ هڪ ڌر جا صلاحڪار ڪيئي ڏينهن کان ڪوهاٽ ۾ موجود آهن، جڏهن ته ٻي ڌر صلاحڪار جيڪي ٻن ڏينهن جي مهلت گهري رهيا آهن، اڄ ڪوهاٽ پهچي ويندا.
صوبائي حڪومت جي سڌ سماءُ بابت صلاحڪاربئريسٽر سيف چيو آهي ته ڌرين ۾ عام اتفاقِ راءِ ٿي چڪو آهي.
امن معاهدي ۾ بنڪر ختم ڪرڻ، ڌرين جي ڳرن هٿيارن تان هٿ کڻڻ شامل آهي.
واضح رهي ته اٽڪل 3 مهينن کان ٽل- پارا چنار روڊ بند ٿيڻ سبب پارا چنار ۾ خوراڪ ۽ دوائن جي کوٽ سبب انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.
روڊ رستن جي بندش خلاف پارا چنار ۾ ڌرڻو جاري آهي، جڏهن ته پشاور، لاهور، ڪراچي، جھنگ، ملتان، مظفر آباد ۽ گلگت سميت مختلف شهرن ۾ پڻ ڌرڻا هنيا ويا آهن.
You might also like