ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏي ويل ٻن مهاڻن جا لاش نه مليا، وارث پريشان

ڪيٽي بندر(رپورٽ: الياس سمون) ٺٽي جي سامونڊي پٽي ۾ هوڙي ٻڏڻ سبب لاپتا ٿي ويل ٻن ماھيگيرن مجيد خاصخيلي ۽ منصور خاصخيلي جو اڃا تائين پتو نه پئجي سگهيو آهي. 6 ڏينهن کان ڳولا جو جاري آهي، ڊانڊو لڳ روڙھو ڪريڪ وٽ گھوڙا ٻاري واسين جي ٻڏل ھوڙي جا لاپتا ٻن ماهيگيرن جي ڳولا لاءِ پاڪستان نيوي ۽ ايڌي جون ريسڪيو آپريشن مسلسل ھلندڙ آهي. ان سلسلي ۾ عوامي آواز سان ڳالهائيندي اڳوڻي ايم اين اي ٺٽو ڊاڪٽر عبدالوحيد سومرو، وائيس چيئرمين ٺٽو ممتاز جلباڻي، يوسي چيئرمين الياس پيروزاڻي، پاڪستان نيوي انچارج ڪيٽي نويد چيو ته ماهيگيرن جي ڳولا لاءِ پاڪ نيوي ۽ ايڌي جون ريسڪيو آپريشن ھلندڙ آھي، ٽيمون مسلسل سمنڊ ۾ ڳولا ڪري رهيون آهن، پاڪستان نيوي پاران لاپتا ماھيگيرن جي پونيئرن ۾ امدادي سامان پڻ ڏنو ويو آھي. اڳوڻي ايم اين اي ٺٽو ڊاڪٽر عبدالوحيد سومرو فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ٺٽو، سجاول ۽ بدين جي ماھيگيرن کان فشريز کاتو ڪروڙين روپيا ٽيڪس وصول ڪري ٿو ۽ فشريز کاتي جي بجيٽ ھئڻ باوجود ٺٽو، سجاول ۽ بدين جي ماھيگيرن سان ٿيندڙ حادثن ۾ فشريز کاتو ڪا به مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناھي. ھوڏانھن فشر فوڪ فورم جي اڳواڻ ياسمين شاهه عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته 6 ڏينهن گذرڻ باوجود ٺٽو انتظاميه توڙي فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي ٻڏي ويل ماھيگيرن لاءِ نه ڪو ريسڪيو آپريشن ڪيو آهي، نه ڪنھن به قسم جي امداد جو اعلان ڪيو آهي. ھن چيو ته فشريز کاتي کي فوري طور متاثر ٿيلن جي پوئيواري ڪرڻ گھرجي. وارثن فشريز کاتي جي وزير محمد علي ملڪاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته لاڳاپيل وزير ھتان جو لوڪل ھئڻ باوجود ھيل تائين متاثر ٿيلن وٽ ناھي پهتو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.