ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌو سوڪهڙي جو شڪار ٿي ويندو:اياز لطيف

حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته  سنڌو درياهه  مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سنڌين جي  نسل ڪشي جي گھڻ رُخي حڪمت عملي جي سوچيل سمجھيل مرحليوار قدم آهي.سنڌو درياءَ مان ڪينال ڪڍڻ سان سنڌ کي رڻ پٽ ۽ بيابان ۾ تبديل ڪري  سنڌ جي عوام کي پاڻي لاءِ تڙپائي مارڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي درياءُ مان زبردستي  ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌو درياهه سوڪهڙي جو شڪار ٿي ويندو،هن چيو ته  پيپلز پارٽي جي حڪمراني سنڌ کي المين جي سرزمين ٺاھي ڇڏيو آھي، پوليس کي خبر آھي ته ڪيترو به ڪرائيم ٿئي، انھن جي نوڪري کي ڪو به  لھر ئي لوڏو ناھي، جيستائين ايم پي اي، ايم اين اي ۽ وزير صاحب جي مرضي جا ڪم ٿيندا رھندا تيستائين زمين ۽ آسمان لڏي وڃن تڏھن به ڪجهھ نه ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.