ڪرم ۾ الميو، خوراڪ ۽ دوائون نه ملڻ سبب 200 ماڻهو فوت، ڌرڻن سبب ڪراچي مفلوج

پشاور(ع آ نيوز) خيبرپختونخوا جي ضلعي ڪرم ۾ دوائن جي کوٽ سبب 128 ٻارن سميت 200 ماڻهو فوت ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. سول سوسائٽي جي دعويٰ آهي ته ٻه سئو ماڻهو دوائون نه ملڻ سبب فوت ٿيا آهن. سندن چوڻ آهي ته دوائون ۽ خوراڪ نه ملڻ سبب علائقي جي صورتحال ڳڻتي جوڳي ٿي ئي آهي. ڪرم ۾ روڊن جي بندش کي 84 ڏينهن گذري ويا آهن، ڪرم ۾ روڊن جي بندش سبب صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي. پاراچنار جي ضلعي هيڊ ڪوارٽر پاراچنار ۾ پريس ڪلب ٻاهران روڊن جي بندش خلاف احتجاجي ڌرڻو جاري آهي، جڏهن ته سلطان ۽ گوسڙو ۾ به احتجاجي ڌرڻو جاري آهي. لوئر ڪرم جي علائقي بگان ۾ دڪانن ۽ گهرن کي نقصان پهچائڻ خلاف احتجاجي ڌرڻو شروع ڪيو ويو آهي، سماجي اڳواڻ مير افضل خان جو چوڻ آهي ته روڊن جي بندش سبب سموريون بازارون بند ٿي ويون آهن، جنهن ڪري کاڌي پيتي جي شين ۽ روزمرهه جي شين جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. هڪ مقامي رجسٽرڊ سول سوسائٽي تنظيم تصديق ڪئي آهي ته طبي سهولتن جي کوٽ سبب 128 ٻارن سميت 200 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن.  مري ويلن ۾ ڪينسر جي مريضن جو تعداد وڌيڪ آهي جيڪي ويڪسينيشن نه ملڻ سبب فوت ٿي ويا آهن. جرڳا ميمبر ۽ اڳوڻي وفاقي وزير ساجد طوري چيو ته ڪوهاٽ ۾ ملتوي ٿيل گرانڊ امن جرڳو ضلعي انتظاميا اڄ 11 وڳي طلب ڪيو آهي، جنهن ۾ امن معاهدي تي صحيحون ڪيون وينديون.  جرڳي تحت امڪاني معاهدي جا تجويز ڪيل نقطا سامهون آيا آهن، جنهن موجب هر ڪلوميٽر تي فوجي دستا مقرر ڪيا ويندا ۽ ڳرا هٿيار قومي صلاحڪارن وٽ هوندا. معاهدي تحت ڌرڻو فوري طور ختم ڪيو ويندو. ۽ مين روڊ کي جلد کوليو ويندو، روڊ ۾ ڪو به رڪاوٽ نه وجهندو.

ڪراچي(رپورٽر) ڪرم جي صورتحال سبب ڪراچي ۾ ڇهن ڏينهن کان ڌرڻا جاري آهن، شهر ۾ 12 هنڌن کان وڌي 17 هنڌن تي ڌرڻن سبب روڊ بند ٿي ويا آهن. سنڌ حڪومت شيعا عالمن کي ڌرڻا ختم ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي، ٽريفڪ پوليس جو چوڻ آهي ته شاهراهه فيصل کي مڪمل طور تي ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو آهي. ڪراچي جي ابوالحسن اصفهاني روڊ تي عباس ٽائون جي سامهون ٻئي روڊ ڌرڻي سبب بند آهن،  نارٿ ناظم آباد فائيو اسٽار چورنگي تي پڻ ڌرڻو لڳل آهي، يونيورسٽي روڊ تي سماما شاپنگ سينٽر اڳيان پڻ ڌرڻو جاري آهي، ٽريفڪ پوليس موجب شاهراهه فيصل ڪالا ڇپرا جي سامهون ٻئي رستا بند آهن،   هوڏانهن سرجاني ٽائون روڊ تي پڻ ڌرڻو هنيو ويو، شاهراهه پاڪستان تي انچولي وٽ پڻ احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو آهي، ٽريفڪ پوليس موجب شاهراهه پاڪستان تي عائشه منزل ۽ انچولي، گلستان جوهر ۾ جوهر موڙ، ڪامران چورنگي ۽ صفورا چورنگي تي به ڌرڻا جاري آهن، جنهنڪري ٽريفڪ لاءِ متبادل رستا ڏنا ويا آهن، اهلڪار روڊن تي موجود آهن، نمائش چورنگي کان ايندڙ ۽ ويندڙ ٽريفڪ کي گرو مندر ۽ ڀرپاسي جي روڊن تان موڙيو پيو وڃي، ٽريفڪ پوليس موجب گلستان جوهر جي ٽريفڪ کي موسميات ۽ منور چورنگي طرف ڊائيورٽ ڪيو پيو وڃي، صفورا ڳوٺ طرف ايندڙ ويندڙ شهرين کي ڪرن اسپتال طرف روانو ڪيو پيو وڃي، ٻي پاسي سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد اپيل ڪئي آهي ته مذهبي جماعت ڪراچي جي شهرين جي تڪليف کي سمجهي، رستا بند هجڻ ڪري عوام پريشان آهي، شهر جي مختلف علائقن ۾ احتجاج سبب ايمبولينس ۽ ٻيو ضروري سامان پهچائڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، جيڪڏهن مذهبي جماعت احتجاج جاري رکڻ چاهي ٿي ته شهر جي گرائونڊ يا پريس ڪلب ٻاهران سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن، هوڏانهن آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران شهر جي مختلف علائقن ۾ جاري ڌرڻن ۽ پوليس جي قدمن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته ڌرڻن کي نظر ۾ رکندي شهرين لاءِ متبادل رستن بابت ڄاڻ جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي، نئين سال جي آمد تي جوڙيل پلان تي عمل ڪيو وڃي ۽ شهرين جي حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي، ٻئي پاسي مجلس وحدت مسلمين جي مرڪزي اڳواڻ علامه حسن ظفر نقوي چيو آهي ته ڪراچي ۾ احتجاج ڪندڙ نه پر صوبائي حڪومت پاڻ روڊ بلاڪ ڪري رهي آهي، هن ڪراچي پوليس چيف جي بيان کي ڪوڙو قرار ڏيندي چيو ته احتجاج ڪندڙن مان ڪنهن به جاويد عالم اوڍو سان نه ڳالهايو آهي ۽ نه ئي ڪا ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، هن چيو ته اميد پيدا ٿي آهي، جيڪڏهن هڪ ڏينهن صبر ڪيو وڃي ته بهتر ٿيندو، حڪومت عوام لاءِ سهولت لاءِ پيدا ڪري، علامه حسن ظفر نقوي روڊن جي بندش کي ميڊيا جي پروپيگنڊا قرار ڏيندي چيو ته شهر ۾ ٽريفڪ معمول موجب هلي رهي آهي ۽ سمورا رستا کليل آهن، هوڏانهن مذهبي تنظيم شهر ۾ وڌيڪ ڌرڻا هڻڻ جو اعلان ڪندي چيو هو ته 17 هنڌن تي ڌرڻا هنيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.