پ پ سنڌين جو استحصال ڪري رهي آهي:صنعان قريشي

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) جسقم چيئرمين صنعان قريشي  پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته موجوده وقت ۾ سڀ کان وڏو مسئلو سنڌو  درياهه جي پاڻي جو آهي ڇاڪاڻ سنڌو درياهه تي سنڌين جو حق، سنڌ جو جياپو ۽ سنڌو واسين جو سنڌو درياهه جي پاڻي تي دارو مدار آهي، ڪنئال ٺاهڻ جو نوٽيفڪيشن آصف علي زرداري ڪڍيو، پ پ پ جو سنڌو درياهه جي حوالي سان پنجاب ۾ هڪ ۽ سنڌ ۾ ٻيو موقف آهي. هن چيو ته پنجاب پنهنجي ڏاڍ جي بنياد تي سنڌو درياهه مٿان 6 ڪئنال ٺاهي رهيو آهي وڌيڪ جدوجهد جو اعلان رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي سالگرهه تي سن ۾ ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪجهه ڌريون ۽ سياسي اڳواڻ هٿ وٺي ڄاڻي واڻي الزامن ۽ بهتانن جي بازيبا ٻولي ڳالهائي سنڌ جي پرامن سياسي ماحول کي منتشر ۽ خراب ڪرڻ گهرن ٿا هن چيو ته سنڌ جي اسپتالن ۾ دوائون ناهن، منشيات جو سرعام وڪرو آهي، لاقانونيت جي ڪري معصوم ٻارن کي اغوا ڪيو پيو وڃي، پريا ڪماري جي اغوا کي 3 سال ٿي ويا آهن پر پريا بازياب ٿي نه سگهي آهي، پيپلز پارٽي کي اقتدار ان ڪري ڏنو ٿي وڃي ته جيئن هو سنڌ جي ماڻهن جو استحصال ڪن، ان موقعي تي امجد مهيسر، مومن سمون، عزيز الرحمان شيخ، اشرف ڪلهوڙو، ديدار شام، اصغر ڪورائي، فراز کهاوڙ ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.