ٿر ۾ 175 ارب ٽن ڪوئلي جا ذخيرا موجود آهن، جن کي 14 بلاڪن ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي، ٿر 21 هزار اسڪوائر ڪلوميٽر تي پکيڙ رکي ٿو. جنهن مان 9 هزار اسڪوائر ڪلوميٽر تي ڪوئلي جا ذخير آهن، جنهن مان هن وقت رُڳو ٻن بلاڪن يعني بلاڪ ون ۽ بلاڪ ٽو تي اوپن پِٽ مائننگ ذريعي کوٽائي ذريعي ڪوئلو ڪڍي استعمال هيٺ آندو پيو وڃي. بلاڪ ون تي 1320 ميگاواٽ ۽ بلاڪ ٽو مان به ساڳئي نموني ڪُل ملائي ڪري 1320 ميگاواٽ بجلي ٺهي رهي آهي. اهڙي طريقي سان ٻنهي بلاڪن مان هن وقت ٽوٽل 2640 ميگاواٽ بجلي نيشنل گرڊ اسٽيشن ڏانهن منتقل ٿي رهي آهي، ٻنهي بلاڪن جا پاور پلانٽ ڏينهن رات هلي رهيا آهن.
ٿرڪول منصوبن جي پاور پلانٽس خارج ٿيندڙ گئس ۽ اُٿندڙ دونهي سبب علائقن ۾ ماحول گندلو بڻجي رهيو آهي آسمان تي دونهن جا ڪڪر ٺهي رهيا آهن، اُنهي سان گڏ کوٽائي ذريعي ڪوئلي ڪڍڻ سان گڏ کاڻين مان مِٽي ڪڍي ڊمپ ڪرڻ واري جگهن تان مِٽي اُڏامڻ ڪري علائقن ۾ دز ڇانيل رهي ٿي. پاور پلانٽس مان دونهن ۽ مائننگ ايريا مان دز اُٿڻ ڪري بلاڪن جي ويجهو رهندڙ ڳوٺن جا ماڻهو ساھ کڻڻ ۾ تڪليف محسوس ڪري رهيا آهن ۽ رهواسي دم، الرجي توڙي خارش جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن.
ٿرڪول منصوبن مان هن وقت بجلي پيدا ڪرڻ جو ڪم تيزي سان هلي رهيو آهي پر ڪمپني ڪوئلو ڪڍي بجلي تيار ڪرڻ سان گڏ ٿيندڙ نقصانن کي نظر ۾ رکندي ڪو به ڪم شروع ناهي ڪيو جنهن سبب ظاهر ٿيندڙ نقصان ڪجھه قدر گهٽ ٿئي. ڪمپنيون معاهدن ۽ ملڪي قانون کي به فالوو ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي، بس ڏيکاءُ خاطر ڪجهھ ڪم ٿي رهيا آهن.
ٿرڪول بلاڪن جي ڳوٺن جا رهواسي ٻُڌائين ٿا ته بيماريون عام ٿي ويون آهن، ماحولياتي گدلاڻ سان هر ننڍو وڏو ساھ کڻڻ ۾ تڪليف محسوس ڪري ٿو، چمڙي جون بيماريون پکڙجي رهيون آهن، رهواسي شڪايت ڪن ٿا ته زيرزمين پاڻي جا ذخيرا به گهٽجندا پيا وڃن ۽ کوهن ۾ جر جو پاڻي ڪيئي فوٽ هيٺ هليو ويو آهي. ڪوئلي جي کاڻين مان پاڻي ڪڍي ٻاهر اُڇلائڻ ڪري پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي رهي آهي، بلاڪ ون جي کاڻين مان نڪرندڙ پاڻي کي ڳوٺن وروائي ۽ تلوايو وٽ کلي ميدان ۾ ڇڏيو پيو وڃي جنهن سبب اُتان جي هزارين ايڪڙ زرخيز زمين ۽ وڻ ٻوٽا تباھ ٿي رهيا آهن. ڪئميڪل جي ملاوٽ واري پاڻي تباهي مچائي ڏني آهي جنهن کي روڪڻ توڙي ڪٿي جمع ڪرڻ لاءِ ڪمپنين وٽ ڪا پلاننگ ناهي.
ٿرڪول منصوبي جي شروع ٿيڻ بعد اڄ تائين علائقن ۾ عوام جي بهتري لاءِ ته ڪو خاص ڪم ناهي ٿي سگهيو پر ماڻهن جي مشڪلاتن ۾ اضافو ٿي ويو آهي، ڪوئلو نڪرڻ بعد ملڪ جي ترقي خاطر قربانيون ڏيندڙ هتان جا ماڻهو ڀوڳي رهيا آهن، جن جي زندگين ۾ بهتري جي اُميد پري پري تائين ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي، ماحولياتي بگاڙ سميت انساني صحت جا مسئلا ڏينهون ڏينهن وڌنڌا پيا وڃن جنهن تي ڪم ٿيندي نظر نه ٿو اچي پر مقامي ماڻهن لاءِ پنهنجن وسيلن تي روزگار به خواب بڻجي چڪو آهي. ڪمپنيون هر ڏينهن مقامي ماڻهن جي حقن جي لتاڙ ڪندي اُنهن کي روزگار ڏيڻ بدران روزگار کسي رهيون آهن، روزگار کسڻ توڙي مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف مقامي ماڻهو سراپا احتجاج بڻيل آهن پر ڪمپنين سميت حڪومت دانهن ورنائڻ لاءِ تيار نظر نٿي اچي.
هتان جي ماڻهن وفاقي ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪول بلاڪن جو مڪمل طور تي جائزو وٺي ڪم جي آڊٽ ڪري هتان جي ماڻهن جي دانهن ڪوڪ کي ٻُڌو وڃي، ڪمپنين کي ملڪي توڙي عالمي قانون تي پابند بڻايو وڃي ۽ ماڻهن جي مسئلن تي ڌيان ڏنو وڃي، ٿر ۾ هن وقت خاص طور ڪول ايريا جي علائقن ۾ ماحولياتي نقصانن کي گهٽائڻ لاءِ ڪم ڪرڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي.