دبئي (ويب ڊيسڪ )انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) طرفان ٽيسٽ ڪرڪيٽر آف دي ايئر جي نامزدگين جو اعلان ڪيو ويو آهي.
انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل طرفان جاري ڪيل بيان موجب، انگلينڊ جي بيٽرز جوءِ روٽ ۽ هيري بروڪ شامل آهن، آسٽريليا جي ٽرويس هيڊ سميت ڀارتي فاسٽ بولر جسپريت بمرا کي به سال جي بهترين ڪرڪيٽر لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي.
آءِ سي سي طرفان سري لنڪا جي ڪمينڊو مينڊس کي ايمرجنگ ڪرڪيٽر آف دي ايئر کانپوءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽر آف دي ايئر لاءِ به نامزد ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽر آف دي ايئر 2024 جي نامزدگين جو اعلان ڪيو هو، جنهن ۾ پاڪستان جي اسٽار بيٽر بابر اعظم جو نالو به شامل هو.
بابر اعظم هن وقت ون ڊي انٽرنيشنل ۾ نمبر ون پوزيشن تي موجود آهي ۽ ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ ڇهين نمبر تي آهي.
ان کانسواءِ ڀارت جي ارشديپ سنگهھ، آسٽريليا جي ٽريوس هيڊ ۽ زمبابوي جي سڪندر رضا کي به ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽر آف دي ايئر لاءِ نامزد ڪيو ويو هو.
You might also like