ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ نئين سال جي موقعي تي هوائي فائرنگ ڪندڙن خلاف قتل جي قدم جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.
ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍي چيو ته نيو ايئر نائيٽ تي هوائي فائرنگ ڪندڙن خلاف قتل جي قدمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويندو.
هن چيو ته گذريل سال به هوائي فائرنگ ۾ 31 ڄڻا زخمي ٿيا هئا، تنهن ڪري شهرين کي درخواست آهي ته ايف آءِ آر ضرور داخل ڪرايو، ڪو مسئلو ٿيو ته اسان ويٺا آهيون.
جاويد عالم اوڍي شهرين کي درخواست ڪئي ته اهي هوائي فائرنگ کان پاسو ڪن ۽ سٺي طريقي سان نئين سال جو جشن ملهائين.
هوڏانهن ڪراچي جي ڪمشنر شهر ۾ ٻن ڏينهن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو.
نوٽيفڪيشن موجب 31 ڊسمبر کان پهرين جنوري تائين قلم 144 لاڳو هوندو، جنهن دوران هوائي فائرنگ، آتشبازي تي پابندي هوندي ۽ ڀڃڪڙي تي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
Next Post
You might also like