ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ۾ حسينا واجد حڪومت جي خاتمي جو سبب بڻجندڙ شاگرد تنظيم ملڪ جي آئين کي ”مُجيبسٽ“ قرار ڏيندي ان جي خاتمي جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب ”اينٽي ڊسڪرمنيسيشن اسٽوڊنٽس موومينٽ“ 1972 جي آئين کي ختم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي.
شاگرد تنظيم ان آئين کي ”مجيبسٽ“ قرار ڏيندي چيو آهي ته اهو آئين ڀارت جي جارحيت کي هوا ڏيڻ جو سبب بڻيو آهي.
رپورٽ موجب ڄاڻايل تنظيم آئين جي نئين سر جوڙجڪ لاءِ منشور به تيار ڪري چڪي آهي، جنهن کي 31 دسمبر (اڱاري) تي جاري ڪيو ويندو.
شاگرد تنظيم جي ان مطالبي تي بي اين پي اعتراض ڪندي ان کي آئين جي تاريخ کي نظرانداز ڪرڻ جهڙو قرار ڏنو ۽ چيو آهي ته جيڪڏهن آئين ۾ ڪا خامي آهي ته ان کي درست ڪيو وڃي پر ان کي ختم ڪرڻ فاشزم جهڙو هوندو.
ٻئي طرف بنگلاديش جي موجوده عبوري حڪومت ان تجويز کان پنهنجو پاڻ کي الڳ ڪندي چيو آهي ته اهو هڪ ذاتي قدم آهي، جنهن جو حڪومت سان ڪو تعلق ناهي.
You might also like