ممبئي(ويب ڊيسڪ) باليووڊ اداڪار ڪارتڪ آريان انڪشاف ڪيو ته ساٿي اداڪارا رومانوي منظر جي عڪسبندي دوران ڄاڻي واڻي غلطيون ڪيون ته جيئن سين ري ٽيڪ وڃي.
ڪارتڪ آريان جو ڳاڻيٽو بالي ووڊ جي باصلاحيت اداڪارن ۾ ٿيندو آهي جيڪو ڪروڙين دلين جي ڌڙڪن هئڻ سان گڏوگڏ فلمسازن جي به پهرين ترجيح آهي.
پر بالي ووڊ کي انيڪ کي سپر هٽ فلمون ڏيندڙ ڪارتڪ آريان پنهنجي فلمي سفر جي شروعات عام انداز ۾ ڪئي هئي.
هڪ انٽرويوءَ دوران پنهنجي شروعاتي ڏينهن کي ياد ڪندي اداڪار انڪشاف ڪيو ته هڪ فلم ۾ سندس ساٿي اداڪارا ساڻس رومانوي منظر شوٽ ڪرائڻ لاءِ 37 ري ٽيڪ ڪيا.
ڪارتڪ آريان دعويٰ ڪئي ته مشٽي چڪروتي سين جي شوٽنگ دوران ڄاڻي واڻي غلطيون ڪري رهي هئي ته جيئن سين ري شوٽ ٿئي، ڏاڍي مشڪل سان ٽن درجن کان وڌيڪ ري ٽيڪ کانپوءِ سين ” اوڪي “ ٿيو.
You might also like