رياض (ويب ڊيسڪ) اسلامي سال جي پهرين ٽن مهينن ۾ سڄي دنيا مان 14 لک 86 هزار 880 زائرين مسجد الحرمين الشريفين پهتا.
سعودي انتظاميا موجب موجوده عمره سيزن ۾ آيل سڀ کان وڌيڪ زائرين جو تعلق انڊونيشيا سان آهي، انڊونيشيا کان 4 لک 49 هزار 696 عمره زائرين سعودي عرب آيا.
ان کانسواءِ ٽن مهينن ۾ پاڪستان مان 2 لک 87 هزار زائرين مسجد نبوي صه ۽ روضه رسول صه تي حاضري ڀري.
انتظاميا موجب ڀارت مان هڪ لک 79 هزار، عراق مان هڪ لک 22 هزار ۽ بنگلاديش مان 76 هزار 940 عمره زائرين آيا.
You might also like