ٽنڊوالهيار ۾ هلندڙ جعلي پوليس اهلڪارن وارو معاملو

تحرير: ثوبيا کوسو

پوليس فورس ماڻهن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ ٺاهي وئي آهي. ترقي يافته ملڪن ۾ پوليس فورس ۾ سياسي مداخلت ناهي هوندي ۽ هو آزاد هوندي آهي، وري جڏهن هن ملڪ جي پوليس ۽ سندس ڪردار جي ڳالهه ڪجي ته گهڻي ڀاڱي اها ئي قانوني حدون ٽوڙيندي نظر ايندي آهي.

هونئن ته سڄي ملڪ خاص طور تي سنڌ پوليس ۾ سياسي مداخلت سموري فورس کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ پوليس سياسي ماڻهن جي اشارن تي هلندي آهي، جيئن اهي چوندا ائين ئي ٿيندو، انهن جي چرچ تي ئي  بيگناهه ماڻهن کي فل يا هاف فراءِ ڪيو  ويندو يا وري مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ونندا آهن. اهڙا ڪيئي مثال اسان جي سامهون موجود آهن. پوليس جي ظلم جو شڪار ٿيل سوين ماڻهو اڄ اپاهج واري زندگي گذاري رهيا آهن.ٽنڊوالهيار ۾ اي ايس آءِ ڪريم بخش ڪالرو سي آئي اي جي ڊي ايس پي ڌڻي بخش مري مٿان الزام لڳائيندي چيو ته مون منشيات فروش گرفتار ڪيا جيڪي ڊي ايس پي جا مائٽ نڪتا، پر اهي ڏوهاري هئا انڪري مون کين ڪنهن به دٻاءَ ۾ اچي ڇڏڻ بدران مٿن ايف آءِ آر داخل ڪئي جنهن بعد ڊي ايس پي سي آئي اي منهنجي پٽ کي اغوا ڪرايو. اي ايس آءِ ڪريم بخش ڪالرو سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو به وائرل ڪئي آهي جنهن ۾ هو هڪ چيڪ پوسٽ ويجهو پهچندي ئي موبائل جي ڪيمرا آن ڪري ٿو، وڊيو ۾ واضح ڏسي سگهجي ٿو ته روڊ تي پوليس اهلڪار بيٺل آهن ۽ پوليس موبائل به بيٺل آهي، روڊ ڪناري چيڪينگ ڪندڙ هڪ پوليس اهلڪار جي وڊيو ٺاهيندي کيس چئي ٿو ته تون ڪير آهين ڪٿان جو آهين ته اهو پوليس اهلڪار اتان کسڪڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ اهو وڊيو ٺاهيندڙ اي ايس آءِ به سندس پٺيان وڃي ٿو ۽ موبائل ۾ صوبيدار ٿي ويٺل همراهه کي چئي ٿو ته اوهان ٻڌايو ته هي ڪير آهي؟ ۽ اتي ان کان موبائل ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. جنهن بعد وڊيو ٺاهيندڙ اي ايس آءِ  وري هڪ پنهنجو وڊيو رڪارڊ ڪري ٿو جنهن ۾ اهو انڪشاف ٿو ڪري ته صرف چيڪينگ ڪندڙ پوليس اهلڪار نه پر موبائل ۾ ويٺل صوبيدار به سول ماڻهو آهي، جيڪا سي آءِ اي جي ڊي ايس پي جا رکيل آهن ۽ انهن جي چوڻ تي ڦرلٽ ڪن ٿا.

ڳالهه صرف اتي ختم نٿي ٿئي اوچتو ئي هڪ ڪال رڪارڊنگ به وائرل ٿئي ٿي جنهن ۾ هڪ پوليس آفيسر هڪ همراهه کان 30 هزار روپين جي ڊمانڊ ڪري رهيو آهي ۽ کيس چئي رهيو آهي ته اهي ڊي ايس پي کي ڏيڻا آهن. ٽنڊو الهيار جي شهرين عوامي آواز کي ٻڌايو ته جعلي پوليس اهلڪار اسان کي روڪي في گاڏي جا هڪ هزار روپيا وٺندا آهن ۽ جيڪو انڪار ڪندو آهي ان کي ڌمڪيون ڏيندا آهن، انهن سڀني وڊيوز ۽ ڪال رڪارڊنگ وائرل ٿيڻ باوجود به ايس ايس ٽنڊوالهيار انهي معاملي تي خاموشي جو روزو رکيون ويٺو آهي. ٻي پاسي سول سوسائٽي ۽ سياسي سماجي ماڻهن طرفان سخت ڪاوڙ جو اظهار  پڻ ڪيو پيو وڃي، ٽنڊو الهيار ضلعي ۾ اهڙا ڪيترائي پوليس جا رکيل سول ماڻهو آهن جيڪي ورديون پائي چيڪ پوسٽن، ناڪن ۽ ٻين جڳهن تي اصلي پوليس اهلڪارن سان گڏ چيڪينگ به ڪندا آهن ته ماڻهو گرفتار به ڪندا آهن. حيرت جي ڳالهه ته اها آهي جو انهيءَ ايڏي وڏي ڳالهه تي پوليس جا اعليٰ آفيسر انهي حساس معاملي تي چپ جو روزو رکيون ويٺا آهن. ٿيڻ ته ائين گهرجي ها جو هڪ اعليٰ سطح جي انڪوائري ٽيم جوڙي وڃي ها ۽ ذميوارن خلاف به سخت ڪاروائي ڪئي  وڃي ها.

سو هتي هڪ طرف پوليس آفيسر پنهنجي آشيرواد سان منشيات هلرائن ٿا ته ٻي طرف وري منشيات فروشن کي وائکو ڪندڙ صحافين کي ماٺ ڪرائڻ لاءِ مٿن ڪوڙا ڪيس داخل يا وري حملا  ڪرائين ٿا. هڪ ڳالهه اها به سهي ٿي جو ٻن پوليس آفيسرن جي جهڙي مان اها ڳالهه عوام تائين پهتي ته ٽنڊوالهيار پوليس ۾ آفيسرن جا رکيل  اهڙا به ماڻهو آهن جيڪي پوليس جون ورديون پائي پوليس سان گڏ مختلف پوسٽن تي چيڪنگ ڪندي نظر ايندا آهن پر حقيقت ۾ انهن جو پوليس سان ڪو تعلق ئي ناهي اهي جعلي آهن، مون ڪيئي ڀيرا ڪورٽن ۾ اهو به ڏٺو آهي ته پوليس آفيسر ۽ اهلڪار جنهن جنهن تي سرڪاري مدعيت ۾ ايف آءِ آر داخل ڪندا آهن ڪورٽن ۾ وري انهن کان رقم وصول ڪري کين باعزت بري ٿيڻ جا موقعا به فراهم ڪندا آهن، پنهنجا بيان تبديل ڪري، اهڙا ڪيترائي واقعا ٽنڊوالهيار پوليس ڪري چڪا آهن پر جيڪو جعلي پوليس جو معامولو آهي، اهو تمام گهڻو حساس ۽ ڳڻتي جوڳوآهي ڇا ڪاڻ ته ان سان سنڌ پوليس جي ساک خراب ٿئي ٿي جنهن جو اعليٰ آفيسرن کي نوٽيس وٺي ذميوارن کي سخت سزا ڏيڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.