ممبئي (ويب ڊيسڪ) تالي ووڊ جي مشهور اداڪارا انوشڪا شيٽي پنهنجي شاندار اداڪاري ۽ ذاتي زندگي جي ڪري هميشه خبرن ۾ رهي آهي.
2005 ۾ فلم ”سپر“ سان ڊيبيو ڪندڙ انوشڪا جو نالو اڄ تائين ڪيترن ئي مشهور اداڪارن سان جوڙيو ويو آهي، جن ۾ پرڀاس، گوپي چند، سمنٿ ۽ سنٿل شامل آهن.
انوشڪا شيٽي جي ڪيريئر جو وڏو بريڪ ٿرو 2009 ۾ آيو، جڏهن فلم ”آرنڌتي“ رليز ٿي. ان فلم شاندار ڪاميابي حاصل ڪري انوشڪا کي تالي ووڊ جي ٽاپ اداڪارائن ۾ شامل ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ هن ”مرچي، باهوبلي ۽ باهو بلي ٽو“ جهڙيون بلاڪ بسٽر فلمون ڏنيون، جن باڪس آفيس تي تاريخي ڪاميابي ماڻي.
باهو بلي ٽو سڄي دنيا ۾ 1810 ڪروڙ رپيا ڪمايا، جنهن کانپوءِ انوشڪا ۽ راميا ڪرشنن ڀارت جي پهرين اهڙيون اداڪارائون بڻيون، جن 1000 ڪروڙ ڪلب جون فلمن ڏنيون.
رپورٽن موجب انوشڪا جو نالو ڪيترن ئي مشهور اداڪارن سان جوڙيو ويو پر هوءَ اڃا تائين غير شادي شدا آهي، 2008 ۾ هن هڪ انٽرويو ۾ پنهنجي محبت جو اعتراف ڪيو پر ان شخص جو نالو نه ٻڌايو هو.
انوشڪا شيٽي هاڻي هڪ نئين فلم جي تياري ڪري رهي آهي، جيڪا ڊائريڪٽر ڪرش جگارلاموڊي ٺاهي رهيو آهي.
انوشڪا منفرد اسڪرپٽ چونڊڻ جي ڪري پڻ مشهور آهي ۽ شوقين سندس ايندڙ پراجيڪٽ جو بي صبري سان انتظار ڪري رهيا آهن.
Next Post
You might also like