مشهور ڀارتي ريڊيو ميزبان (آر جي) ۽ سوشل ميڊيا انفلوئنسر سمرن سنگهه پنهنجي گهران مئل حالت ۾ هٿ آئي آهي، پوليس کي سندس ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو.
والاريل ڄمون ۽ ڪشمير سان واسطو رکندڙ ناليواري سوشل ميڊيا انفلوئنسر سمرن سنگهه جو لاش اربع جي رات سندس ڪمري مان هٿ آيو، هوءَ تقريبن ٽي سال اڳ چينل ”ريڊيو مرچي“ تان ڪم ڇڏي فري لانسنگ ڪري رهي هئي ۽ گڏوگڏ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي پنهنجون وڊيوز به اپ لوڊ ڪندي هئي.
ڀارتي ميڊيا موجب 25 ورهين جي سمرن سنگهه انسٽاگرام پروفائل تي آخري ڀيرو 31 ڊسمبر تي هڪ ريل پوسٽ ڪئي هئي.
سمرن جي شهرت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته سندس انسٽاگرام تي 7 لک کان وڌيڪ فالوئرز آهن.
واقعي جو اطلاع ملندي پوليس پهتي ته سمرن جي گهر جو در اندران بند هو، اندر داخل ٿيڻ کانپوءِ سندس لاش ڦاهي ۾ ٽنگيل هو، جڏهن ته واقعي واري هنڌان ڪو نوٽ برآمد نه ٿيو.
خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته سمرن ڪجهه عرصي کان ذاتي مسئلن جو شڪار هئي، جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي حوالي سان جاچ ڪئي پئي وڃي.
Prev Post
You might also like