صائم جا ڀاڳ کُلي پيا، سال جي بهترين ڪرڪيٽر لاءِ نامزد

دبئي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ايمرجنگ ڪرڪيٽر آف دي ايئر لاءِ نامزدگين جي فهرست جاري ڪري ڇڏي جنهن ۾ نوجوان اوپننگ بيٽر صائم ايوب جو نالو به شامل آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي تازو ئي آسٽريليا، زمبابوي ۽ ڏکڻ آفريڪا جي دوري دوران اوپننگ بيٽر صائم ايوب جي شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو، مجموعي طور نوجوان بيٽر 9 ون ڊي ميچن ۾ ٽن سينچرينن ۽ هڪ ففٽي جي مدد سان 515 رنسون ٺاهيون آهن.
ان کانسواءِ انگلينڊ جو گس اٽڪنسن، سريلنڪا جو ڪمينڊو مينڊس ۽ ويسٽ انڊيز جو شمار جوزف کي به سال جي بهترين ايمرجنگ ڪرڪيٽر لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.