100 جي لوڊ تي 10 رپيا ڪٽوتي، موبائل نيٽ ورڪ خلاف عدالت جو وڏو حڪم اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي اي جي حڪم خلاف موبائل نيٽ ورڪ آپريٽرز جي درخواست رد ڪندي نجي موبائل نيٽ ورڪ کي ڪسٽمرز کان وصول ڪيل 2 ارب رپين کان وڌيڪ رقم واپس ڪرڻ جو حڪم برقرار رکيو آهي.
جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ڪمپني جي درخواست نه ٻڌڻي جوڳي قرار ڏيندي خارج ڪري ڇڏي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ 11 جون 2018 تي سوموٽو نوٽيس وٺي ڪمپنين کي موبائل ريچارج تي چارجز وصول ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو هو.
فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اپيل ڪندڙ ڪمپني موجب هنن سپريم ڪورٽ جي حڪم کان پوءِ 13 جون 2018 کان 10 سيڪڙو چارجز وٺڻ جو عمل روڪي ڇڏيو، جڏهن ته اپيل ڪندڙ وڪيل موجب 24 اپريل 2019 تي سپريم ڪورٽ ڪيس اڪلائيندي مختصر فيصلي ۾ منع نامو ختم ڪري ڇڏيو، اپيل ڪندڙ موجب منع نامو ختم ٿيڻ سان اهو سمجھه ۾ آيو ته چارجز وٺڻ تي پابندي باقي ناهي رهي.
پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي 30 اگست 2019 تي موبائل نيٽ ورڪ کي ٻه ارب 2 ڪروڙ 80 لک ۽ 38 هزار رپيا واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، نجي موبائل نيٽ ورڪ کي 26 اپريل کان 12 جولاءِ 2019 تائين وصول ڪيل چارجز واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو.
نجي موبائل نيٽ ورڪ آپريٽرز 100 رپين جي ري چارج تي 10 رپيا چارج ڪندا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.