ميلبورن (ويب ڊيسڪ) بارڊر – گواسڪر ٽرافي جي چوٿين ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن آل رائونڊر نتيش ريڊي 7 واشنگٽن سُندر ڀارت کي وڏي بحران کان بچائي ورتو.
ڀارت پهرين اننگز 9 وڪيٽن جي نقصان تي 358 رنسون ٺاهي ورتيون، آسٽريليا جو خسارو ختم ڪرڻ لاءِ اڃا 116 رنسون گهربل آهن.
ميلبورن ۾ جاري باڪسنگ ڊي ٽيسٽ ۾ آسٽريليا جي پوزيشن مضبوط آهي.
چوٿين ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن ڀارت 5 رانديگر آئوٽ 164 رنسن تان پنهنجي پهرين اڻپوري اننگز شروع ڪئي، رشڀ پنت 28 ۽ رويندر جاڙيجا 17 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.
ان کانپوءِ واشنگٽن سُندر ۽ نتيش ڪمار ريڊي ذميواراڻي ڪئي ۽ ڀارت کي ميچ ۾ واپس آندو ٻنهي جي وچ ۾ 127 رنسن جي ڀائيواري قائم ٿي، واشنگٽن ففٽي اسڪور ڪرڻ بعد آئوٽ ٿي ويو جڏهن ته بمرا کاتو کولڻ بنا پويلين موٽي ويو.
ان دوران نتيش ڪمار ٽيسٽ ڪيريئر جي پهرين سينچري ٺاهڻ ۾ ڪامياب رهيو، ڏينهن جي پڄاڻي تي ڀارت 9 وڪيٽن جي نقصان تي 358 رنسون ٺاهي ورتيون.
ڀارتي ٽيم کي آسٽريليا جي پهرين اننگز جو خسارو ختم ڪرڻ لاءِ اڃا 116 رنسون گهربل آهن.
باڪسنگ ڊي ٽيسٽ: ٽاپ آرڊر جي ناڪامي بعد ريڊي ۽ سُندر ڀارت کي وڏي بحران کان بچائي ورتو
You might also like