خراب فارم! سمٿ ڀارت مان سڀ باهيون ڪڍي ڇڏيون، نئون رڪارڊ قائم

ميلبورن (ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان ۽ تجربيڪار بيٽر اسٽيو سمٿ ڀارت خلاف ٽيسٽ ميچن ۾ نئون رڪارڊ جوڙي ورتو.
جمعي ڏينهن بارڊر گواسڪر ٽرافي جي چوٿين ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي ٽيسٽ ڪيريئر جي 34 هين سينچري اسڪور ڪئي، هو 140 رنسن تي پويلين موٽي ويو، آسٽريليا پهرين اننگز ۾ 474 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي.
اسٽيو سمٿ ڀارت خلاف ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾نئون رڪارڊ پڻ ٺاهيو، هو ڊگهي فارميٽ ۾ ڀارت خلاف سڀ کان وڌيڪ سنچريون ٺاهيندڙ بيٽر بڻجي ويو آهي.
ٽيسٽ ڪيريئر جي 34 هين سنيچري ٺاهيندڙ اسٽيو سمٿ جي ڀارت خلاف اِها 11 هين سينچري هئي جيڪا هن 43 اننگز ۾ مڪمل ڪئي.
ان لسٽ ۾ ٻيو نمبر انگلينڊ جي جوءِ روٽ جو آهي، جنهن هنيئر تائين ڀارت خلاف ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ڏهه سنيچريون اسڪور ڪيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.