جرمن صدر پارليامينٽ ٽوڙي ڇڏي، نين چونڊن جو اعلان

برلن (ويب ڊيسڪ) جرمني جي صدر فرينڪ والٽر شٽائن مائير ملڪ جي پارليامينٽ ٽوڙي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب جرمن صدر فرينڪ والٽر شٽائين مائير چانسلر اولاف شولز جي گڏيل حڪومت جي خاتمي کانپوءِ نيون عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ پارليامينٽ ٽوڙي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته پارليامينٽ ٽٽڻ کانپوءِ جرمني ۾ نيون عام چونڊون 23 فيبروري تي ٿينديون.
ان حوالي سان جرمن صدر چيو ته موجوده حالتن ۾ ملڪ کي هڪ مستحڪم ۽ پارليامينٽ ۾ اڪثريت رکندڙ حڪومت گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.