ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي گلوڪار ميڪا سنگهه انڪشاف ڪيو آهي ته سلمان خان پنهنجي اڳوڻي محبوبه "ڪترينا” جو نالو گاني مان ڪٽرائي ڇڏيو هو.
ميڪا سنگهه سلمان خان جي فلمن جا ڪيترائي مشهور گانا ڳايا آهن ۽ ٻنهي جي وچ ۾ دوستي جو رشتو به رهيو آهي. ميڪا پراڻيون يادون تازي ڪندي ٻڌايو ته سلمان کين گاني ۾ "ڪترينا” جو لفظ هٽائڻ لاءِ چيو هو.
گلوڪار کان انٽرويو دوران پڇيو ويو ته ڇا اهو سچ آهي ته 2011 جي فلم "لوٽ” جي گاني ۾ تبديلي ڪئي وئي هئي؟ ميڪا سنگهه تصديق ڪندي چيو ته سلمان خان کين درخواست ڪئي هئي ته هو "ڪترينا” جو لفظ "جيڪولينا” سان تبديل ڪري.
ميڪا ٻڌايو ته هنن ڄاڻي واري گاني ۾ "ڪترينا” جو لفظ استعمال نه ڪيو هو، پر سندن انداز اهو آهي ته هو فلم جي ضرورتن مطابق گانو تيار ڪن، تنهن ڪري ان گاني ۾ ڪردار جي لحاظ سان مختلف نالا استعمال ڪيا ويا هئا.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته گاني جي لفظن ۾ "ڪترينا” جو نالو "جيڪولينا” سان تبديل ڪيو ويو هو، پر هن اهو ظاهر نه ڪيو ته سلمان خان هي تبديلي ڇو تجويز ڪئي هئي.