لاهور (ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي انڊر 19 وومينز ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستان اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ڪومل خان قومي ٽيم جي قيادت ڪندي.
عورتن جي سيلڪشن ڪميٽي انڊر 19 وومينز ٽي ٽوئنٽي ڪپ 2025 لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو آهي، 16 ٽيمن تي ٻڌل اِها ٽورنامينٽ 18 جنوري کان 2 فيبروري 2025 تا.ين ملائيشيا ۾ جاري رهندي.
وڪيٽ ڪيپر بيٽر ڪوم خان ٽيم جي قيادت ڪندي جڏهن ته ضوفشان اياز نائب ڪپتان هوندي.
ٻين پليئرز ۾ عليسا مختيار، اريشه انصاري، فاطمه خان، هانيا احمر، ماهم انيس، ماه نور زيب، ميمونه خالد، مناهل، قرت العين، راويل فرحان، شهربانو، طيبه امداد ۽ واصفه حسين شامل آهن.
ان کانسواءِ فضا فياض، لائبا ناصر، مناهل جاويد، روزينا اڪرم ۽ ثانيا رشيد کي ٽريول ريزرو طور رکيو ويو آهي.
You might also like