ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي مراٺي فلمن جي مشهور اداڪارا خطرناڪ روڊ حادثي جو شڪار ٿي وئي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ممبئي ۾ پوسار ميٽرو اسٽيشن ويجهو ميٽرو پروجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ پورهيتن کي ڀارتي اداڪارا جي ڪار چيڀاٽي ڇڏيو.
ممبئي پوليس موڪجب، ڪانديوَلي ۾ اداڪارا جي ڪار جي ٽڪر ۾ هڪ پورهيت فوت ۽ ٻيو سخت زخمي ٿي پيو .
ميڊيا رپورٽس موجب، اداڪارا ارميلا ڪوٺاري جمعي جي رات شوٽنگ مڪمل ڪرڻ کانپوءِ واپس گهر وڃي رهي هئي ته رستي ۾ ڪار ڊرائيور جي ظابطي مان نڪري ميٽرو پروجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ پورهيتن مٿان چڙهي وئي.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڪار جي ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ پورهيت ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو جڏهن ته ٻئي کي سخت زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس موجب، ڪار ڊرائيور به سخت زخمي آهي، جڏهن ته ڪار جا ايئربيگ وقت سر کلڻ سبب اداڪارا زخمي ٿيڻ کان محفوظ رهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڪار جي رفتار تيز هئي ۽ اداڪارا اُرميلا ڪوٺاري جو ڊرائيور گاڏي هلائي رهيو هو، ڊرائيور خلاف تيز رفتاري ۽ لاپرواهي سبب موت جو سبب بڻجڻ سميت ٻين قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
You might also like