”وهه واهه گهوٽ تنهنجي لئي“، حيدرآباد ۾ نوٽن جو مينهن، ڪنوار تي هيليڪاپٽر تان گهور

حيدرآباد(ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هوا ۾ موجود هيليڪاپٽر مان پيسا زمين اڇلائي نوٽي جو مينهن وسايو پيو وڃي.

اهڙي منظر کي زمين تي بيٺل ماڻهو پنهنجي موبائل ۾ رڪارڊ ڪري رهيا آهن.

اهو واقعو ڪنهن ٻاهرين ملڪ ۾ نه پر سنڌ جي شهر حيدرآباد جو ٻڌايو پيو وڃي جتي هڪ شادي جي تقريب ۾ گهوٽيتن طرفان هيليڪاپٽر ڪرائي تي بُڪ ڪري ڪنوار جي گهر مٿان اهڙي نوٽن جي گهور ڪئي وئي.

چيو پيو وڃي ته گهوٽ جي پيءُ پنهنجي پٽ جي شادي جي خوشيءَ ۾ هيليڪاپٽر ڪرائي تي ڪيو ۽ ڪنوار جي گهر جي مٿان نوٽن جو مينهن وسائي ڇڏيو.

سوشل ميڊيا تي اهڙي عمل تي گڏيل سڏيل رد عمل اچي رهيو آهي، ڪجهه ماڻهو انکي انوکو ڪم قرار ڏين ٿا ته ڪجهه وري اهڙي عمل کي پيسي جو زيان قرار ڏئي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.