ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي ايمگريشن ڪراچي ايئرپورٽ تي انساني سمگلنگ جو وڏو منصوبو ناڪام بڻائي ڇڏيو، جنهن ۾ ڀارتي ايجنٽ جي ملوث هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
ايف آءِ اي طرفان جاري ڪيل بيان موجب، ڪراچي ايئرپورٽ تان غير قانوني طور تي يورپ وڃڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي ۽ ايجنٽ سميت 4 مسافرن کي گرفتار ڪيو ويو.
گرفتار ٿيل جوابدارن ۾ حسيب احمد، قيصر احمد، عثمان علي ۽ ايجنٽ عبدالشڪور شامل آهن، جن جو تعلق فيصل آباد، چينيوٽ، گجرانوالا ۽ ننڪانه صاحب جي مختلف علائقن سان آهي.
انساني سمگلر عبدالشڪور ٻين جوابدارن کي پولينڊ موڪلڻ جي نالي تي 14 لک رپيا في ماڻهوءَ جو معاهدو ڪيو، جڏهن ته جوابدارن ايجنٽ کي 2 لک 50 هزار رپيا في ماڻهو ايڊوانس پڻ ڏنا، جوابدارن کي غير قانوني طور تي آذربائيجان کان پولينڊ وڃڻو هو.
شروعاتي جاچ موجب، انساني سمگلر عبدالشڪور جي موبائل مان اهم ثبوت مليا آهن، ۽ ملزم عبدالشڪور ڀارتي ايجنٽ سان رابطي ۾ هو.
ايف آءِ اي موجب، آذربائيجان ۾ رهندڙ گوتم شرما نالي ڀارتي ايجنٽ جوابدارن کي آذربائيجان کان غير قانوني طور تي پولينڊ موڪلڻ جو منصوبو ٺاهيو هو، جوابدارن کي وڌيڪ جاچ لاءِ اينٽي هيومن ٽريفڪنگ سرڪل ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي.
You might also like