ڪوهاٽ( ويب ڊيسڪ) ڪرم جي صورتحال بابت ٿيل گرينڊ جرڳي ۾ ڌرين وچ ۾ امن معاهدو طئي ٿي ويو.
ذريعن موجب، ڪوهاٽ ۾ ڪرم جي صورتحال بابت جرڳو ٿيو جنهن م ڌرين امن معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن.
معاهدي موجب، ٻئي ڌريون ڳرا هٿيار حڪومت کي ڏيڻ تي راضي ٿي ويون آهن، ڪمشنر ڪوهاٽ اڄ جرڳي جي حتمي فيصلي جو اعلان ڪندو.
واضح رهي ته جرڳي جي ميمبرن جو انگ پورو نه هئڻ سبب گذريل ڏينهن معاهدي تي صحيحون نه ٿي سگهيون هيون.