الاهور (عمران شفقت) اھا افسوس جوڳي ڳالهھ آھي جو ڪو سياسي قائد اھڙيون غلطي ڪري جو ان تي غير سياسي ماڻھو ۽ سروسز جا ماڻھو تنقيد ڪن جيڪا حق تي بھ ھجي.جيو نيوز تي پٽي ڏٺي تھ طالبان جي 2021 ۾ واپسي سياسي غلطي ھئي. پر ڇا اسان جو ڪو وزيراعظم چاھيندي بھ ائين ڪري سگھي ٿو؟ھتي تھ اگر وزيراعظم کي انڊيا سان ڳالھيون ڪرڻيون ھجن ۽ فوج کي انپٽ کان بنا ڪري تھ جيڪو حشر نواز شريف جو ٿيو جيڪو بينظير ڀٽو جو ٿيو اھوئي ان جو بھ ٿيندو تھ پوءِ سيڪيورٽي اسٽبلشمنٽ ايتري ڪا تابعدار ٿي وئي وزيراعظم جي جو اھا ان کي سياسي غلطي سڏي؟ خبر ناھي تھ باجوا ۽ فيض حميد ڪھڙي نشي ۾ ھئا جو انھن پاڪستانين جي قاتلن کي ٻيھر پاڪستان ۾ آباد ڪيو اسان کي پڙھائيندا آھن تھ ڀٽو بھ غدار نوازشريف بھ غدار ۽ بينظير بھ غدار وري ھتي ھڪ غدار سان ملي ڪري پاڻ بھ غداري ڪندا رھيا. ڪيئن ھنن اجازت ڏني تھ نيشنل سيڪيورٽي تي عمران خان جيڪو شروع ڏينھن کان طالبان حامي آھي اھو فيصلو ڪري. پھريون تھ ڪياني کان راحيل شريف تائين سڀ ڏوھاري آھن پر وزيراعظم جي ڳالھين جي باوجود آءِ ايس آءِ ۽ آرمي چيف ڪھڙن چڪرن ۾ ھيا؟سو پنھنجو ھائوس ان آرڊر ڪريو جيڪي انھن جا اصل ڏوھ آھن انھن تي پڪڙ ڪريو، 9 مئي ھن وردي لاھڻ بعد ڪيو ، وردي پھري جيڪي ھن ملڪ دشمني ڪئي ان تي آزادي؟جيڪڏھن سمورو زور ھڪ پاسي رکڻو آھي تھ پوءِ ملڪ ھلي نھ سگھندو ظھير السلام پروجيڪٽ ھلائي رھيو ھيو، نواز کي ڪيرائي عمران کي آڻڻو ھيو .چون ٿا 9 مئي تي ڪمپرومائز نھ ٿيندو پر توھان ئي عمران کي ڇوٽ ڏيندا رھيا عمران اڪيلو ڏوھاري ناھي جن طالبان کي ٻيھر آڻي آباد ڪيو منصوبا ھلايا. 80 ھزار ماڻھن جي رت جا ڇنڊا باجوا جي وردي تي آھن. وزيراعظم جي اھڙي اوقات ناھي جو ميزائل يا ايٽمي پروگرام تي ڪو سمجھوتو ڪري .سڀاڻي اگر ڪنھن ڪيو تھ اھو جنرل فيض يا باجوا جھڙو ڪو جنرل ھوندو پوءِ توھان ڇو ٿا موقعو ڏيو؟ ان جي ڪري رڳو تھ اداري جو وقار آھي.اداري جو وقار طالبان کي آڻي آباد ڪندڙن خلاف ڪارروائي سان وڌندو؟ سو ھي پريس ڪانفرنس عمران خان ، طالبان حامين ۽ آمريڪي ۽ برطانوي پرڏيھي کاتن کي کتو جواب آھي.