ڪراچي(رپورٽر)صنعت ۽ تجارت واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته محترمه بينظير ڀٽو شهيد کي مسلم دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم ٿيڻ جو اعزاز حاصل آهي ۽ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جو شمار عالمي سطح جي ناليوارن رهنمائن ۾ ٿيندو آهي. هن جي سياسي بصيرت جو بين الاقوامي سطح تي احترام ڪيو ويندو هو،هن چيو ته شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو پاڪستان ۾ جمهوريت جي بحالي ۽ ترقي لاءِ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن ۽ هن پنهنجي صلاحيتن کي عالمي سطح تي مڃرايو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ ان جي عوام لاءِ سندس ڪيل خدمتون بي مثال آهن. شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو شهيد پنهنجي سڀني ڪارڪنن جو تمام گهڻو خيال رکندي هئي. پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي امڙ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي نقش قدم تي هلي رهيو آهي.