ملهه پهلوان اياز شاهه بخاري جي گرفتاري خلاف احتجاج

ڪراچي (رپورٽر/م ڊ) سنڌ ملهه ايسوسيئيشن پاران ملهه پهلوان سيد اياز شاهه بخاري جي گرفتاري خلاف مختلف شهرن ۾  احتجاج ڪيو ويو. ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪندڙ اڳواڻ الزام هنيو ته اياز شاهه بخاري علي حسن زرداري خلاف اليڪشن وڙهيو هو هن ڪو ٻيو ڏوهه ناهي ڪيو، بااثرن حميد پنهور، ايس ايڇ او ڳاڙهو جي چرچ تي مٿس ڪوڙا ڪيس ڪيا ويا آهن. سيد اياز شاهه بخاري تي هڪ لک رپيا ڦر ۽ هٿيار هٿ اچڻ جو ڪوڙو الزام هنيو ويو آهي. هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي جي ڏينهن دانهيون ٿا ته ٺٽو ۽ ڳاڙهو پوليس بااثرن جي ونگار وهندي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رهي آهي. اسان صدر آصف علي زرداري کان گهر ڪريون ٿا ته ملهه پهلوانن سان ظلم جو نوٽيس وٺي ڇو ته ٺٽي مان هميشه پيپلزپارٽي کي ووٽ ملندا رهيا آهن، ائين نه ٿئي جو اڳتي سڀ ختم ٿي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.