افغان حڪومت ٽي ٽي پي خلاف ٺوس پلان جوڙي، ٻٽو معيار نه هلندو: وزيراعظم

اسلام آباد (م ڊ) وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته افغان حڪومت پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙي، هڪ پاسي ڳالهين جي آڇ ۽ ٻئي پاسي ٽي ٽي پي کي کليل ڇوٽ هجي  اهڙو ٻٽو معيار نه هلندو، وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته دهشتگردي خلاف پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا مڪمل طور تي گڏ آهن، ڪجهه ڏينهن اڳ ايف سي جا 16 جوان شهيد ٿيا، ڪالهه اتر وزيرستان ۾ ويڙهه ٿي جنهن دوران خوارج کي جهنم ۾ موڪليو ويو اسان جا ميجر ۽ ٻيا جوان شهيد ٿيا، هن چيو ته افغانستان اسان جو پاڙيسري ملڪ آهي ۽ اسان جي دلي خواهش آهي ته اسان جا لاڳاپا بهتر ٿين ۽ اسان هڪ ٻئي سان اقتصادي، واپار ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون وڌايون، پر پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان اڃا تائين افغانستان مان ڪارروايون ڪري رهي آهي ۽ پاڪستان ۾ بيگناهه ماڻهو شهيد ٿي رهيا آهن، اها پاليسي نه هلندي، وزيراعظم چيو ته هو افغان حڪومت کي هڪ کان وڌيڪ ڀيرا پيغام ڏئي چڪو آهي ته اسان توهان سان تمام سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا پر پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان کي مڪمل بند ڪيو وڃي، کين پاڪستان جي بيگناهه ماڻهن کي مارڻ جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ڏني ويندي، پاڪستان جي سالميت جي گهرجن جو ڀرپور دفاع ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.