سکر (رپورٽر)پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ قمر الزمان ڪائرا چيو آهي ته پاڻي جي ورڇ واري معاملي تي پ پ ڪڏھن به سوديبازي نه ٿي ڪري سگهي، پاڻي جي ورهاست وارو معاملو حساس آهي ڪا به قوت ان سان ڇيڙ ڇاڙ نه ٿي ڪري سگهي، هن چيو ته پاڻي واري معاملي تي پير صاحب پاڳاري جو بيان منفي آهي ان معاملي لاءِ صرف سي سي آئي ئي بهترين فورم آهي، هن چيو ته سي سي آءِ ۾ وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاه ڳالهائيندو رهندو،هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري عوام جي ووٽ سان وزير اعظم ٿيندو، اسان مڃون ٿا ته ملڪ ۾ مسئلا آهن ۽ عوام پريشان آهي پر اهي مسئلا آهستي آهستي حل ٿي رهيا آهن.