انٽرنيٽ جي رفتار سست آهي:شازيا مري

لاڙڪاڻو(بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ شازيه عطا مري چيو آهي ته جڏهن دهشتگرد پاڪستان جي علائقن تي  قبضو ڪري رهيا هئا ته محترمه بينظير ڀٽو انهن کي چئلينج ڪيو، جيڪڏهن اسان عدالتن جو احترام نه ڪنداسين ته پوءِ ڪير ڪندو؟ پيپلز پارٽيءَ هن ملڪ کي آئين ڏنو ۽ 26هين ترميم جو ڪريڊٽ به اسان جي چيئرمين ڏانهن وڃي ٿو. اهڙو اظهار هن ڪالهه لاڙڪاڻي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ شازيه مري چيو ته هاڻ هو انٽرنيٽ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، حڪومتي نمائندا چون ٿا ته انٽرنيٽ ٺيڪ آهي، توهان جو سرور خراب آهي، توهان صرف پابنديون لڳائي رهيا آهيو، انٽرنيٽ ايترو سست آهي جو ڪو به ڪم نٿو ڪري جيڪي ماڻهو متاثر ٿي رهيا آهن، اڄڪلهه انٽرنيٽ تي ڀروسو آهي، اي ڪامرس جي ڳالهه نه ڪئي وڃي. هن چيو ته بي بي پنهنجا ٻار ڇڏي اسان جي ٻارن لاءِ هتي پاڪستان آئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.